اي سي سي ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اي سي سي ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اقتصادي رابطه ڪميٽي ڀارت مان کنڊ، ڪپهه ۽ سوئي ڌاڳو گهرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزير حماد اظهر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 30 جون 2021 تائين ڀارت مان کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪميٽي خانگي شعبي کي ڀارت مان کنڊ گهرائڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي. اي سي سي وزارتن جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي به منظوري ڏني. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪپهه گهرائڻي پوندي. ڀارت  مان ڪپهه ۽ ڌاڳو سستو پوندو.پاڪستان ۾ ڪپهه جي سالياني کپت هڪ ڪروڙ 20 لک کان ڏيڍ  ڪروڙ ڳٺڙيون آهن هن سال ڪپهه جي پيداوار ۾ تاريخي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي. پاڪستان، آمريڪا، ڀارت ۽ افغانستان سميت ٻين ملڪن مان ڪپهه گهرائيندو آهي.ياد رهي ته پاڪستان آگسٽ 2019 ۾ ڀارت سان ٻطرفن لاڳاپن کي معطل ڪري ڇڏيو هو. ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ ٽريڊ پاليسي فريم ورڪ تي به غور ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو