ڀرياروڊ( ن س)ڀرياروڊ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا شاھد سرڪي مختيارڪار ڀريا وحيد علي گولو ۽ ٽائون آفيسر ڀرياروڊ عمران کنڊ پاران ڀرياروڊ جي ٽائون ڪاميٽي حال ۾ شھرين جي مسئلن جي حل لاء کلي ڪچھري منعقد ڪئي وئي/ شھرين ڳالھائيندي چيو ته گذريل برساتن دوران مختلف علائقن ۾ اڃان تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي ۽ ڀرياروڊ جي وارڊ نمبر 5 ۾ ٽي تعليمي ادارا موجود آهن جن ۾ گورنمنٽ گرلز ھائير سيڪنڊري اسڪول ـ آزاد پبلڪ اسڪول ـ گورنمنث پرائمري مين سنڌي اسڪول سميت ڪيترائي گهر پاڻي ھيٺ آهن جڏهن ته ڀرياروڊ ۾ ڊسپوزل پن ناڪارا بڻيل آهن شھرين چيو ته شھر ۾ انڪروچمنٽ جو آزار وڌيل آهي جنهن کي ختم ڪرايو وڃي ان کان علاوا شھر جي مخلتف روڊن تي ريڙھا ۽ دڪانن جو سامان پيل آھي جنهن سان ٽريفڪ جام ٿئي ٿي ان کان علاوا شھر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آهي جنهن سبب به شھرين جي زندگي عذاب بڻيل آهن جڏهن ته ايس ايڇ او سان ملياسين ته ان اھو جواز ڄاڻايو ته ٿاڻي تي پوليس نفري تمام گھٽ آهي جنهن سان اھي مسئلا پيش اچن ٿا: ٻي پاسي اي سي ڀريا شاھد سرڪي ۽ ٻين عملدارن خاطري ڪرائي ته شھر جا مسئلا جلد کان جلد حل ڪيا ويندا.










