شڪارپور (ن س) اسسٽنٽ ڪمشنر جا ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا، بليڪ تي دوائون وڪرو ڪندڙ ميڊيڪل اسٽورن تي ڏنڊ مڙهيو ويو. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار احمد جعفر جي حُڪمن تي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور جواد علي لاڙڪ پاران شڪارپور شھر جي انهن ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هنيا ويا جن جي خلاف مليريا ڊوز، پيناڊول ٽيبليٽ ۽ ٻيون روزمره جي ننڍين وڏين بيمارين جون دوائون ذخيرو ڪري بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جون شڪايتون مليون هيون، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر جواد علي لاڙڪ پاران ايس.ڪي ميڊيڪل اسٽور مٿان 30 هزار روپيہ ڏنڊ جڏھن تہ ٻين کي وارننگ جاري ڪئي وئي تہ آئينده شڪايت اچڻ تي کين سيل ڪيو ويندو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر جواد علي لاڙڪ جو چوڻ ھو تہ شھرين کي اپيل آھي تہ اهڙن انسانيت جي دشمنن، ذخيره اندوزن ۽ سماج دشمن ميڊيڪل اسٽورن جي خلاف اگر توهان کي ڪا بہ شڪايت هجي تہ اسان سان رابطو ڪريو تہ جيئن مصيبت ۽ مشڪل جي ھن وقت جو فائدو وٺندڙ موقعہ پرست ڪارين رڍن خلاف بروقت ڪارروائي ڪري عوام کي ڦرجڻ ۽ لٽجڻ کان بچائي سگهجي.










