ايڪشن ڪميٽي جو مطالبو چونڊ عمل کي ناڪام بڻائڻ جي برابر آهي

ايڪشن ڪميٽي جو مطالبو چونڊ عمل کي ناڪام بڻائڻ جي برابر آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير دفاع خواجه آصف جو چوڻ آهي ته 27 جولاءِ تي آزاد ڪشمير جون چونڊون (اليڪشن) آهن، جڏهن ته ايڪشن ڪميٽي جو مطالبو آهي ته ڪشمير اسيمبلي جي پاڪستان مان چونڊجندڙ 12 سيٽون ختم ڪيون وڃن.پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته اليڪشن کان اڳ اهو مطالبو انتخابي عمل کي سبوتاژ ڪرڻ (ناڪام بڻائڻ) جي برابر آهي. جيڪي ماڻهو اهو مطالبو ڪري رهيا آهن، اهي ان کي 27 جولاءِ تي عوام جي سامهون رکن، خلقِ خدا (عوام) کي اهو فيصلو ڪرڻ ۽ پنهنجي نمائندگي جي شڪل ترتيب ڏيڻ ڏين، اها ئي جمهوري سوچ هوندي، ٻي صورت ۾ ان کي بليڪ ميلنگ تصور ڪيو ويندو. خواجه آصف چيو ته سيالڪوٽ شهر ۽ تحصيل مان ڪشمير اسيمبلي جي هڪ مڪمل سيٽ آهي، جڏهن ته پاڪستان قومي اسيمبلي جون ٻه سيٽون آهن ۽ باقي پاڪستان ۾ ڪشمير اسيمبلي جا حلقا پکڙيل آهن. هتي ڪشميري مهاجرن جي وڏي تعداد ڄمو مان آيل آهي. وزير دفاع چيو ته آڪٽوبر 1947ع ۾ مهاجر 2 لک کان وڌيڪ جاني قربانيون ڏئي سيالڪوٽ اچي آباد ٿيا، لکين عورتن جي عصمت لٽي وئي، هزارين ڌيئرون اغوا ٿيون، توهان ڪيئن انهن مهاجرن کي سندن حق کان محروم ڪري سگهو ٿا؟خواجه آصف چيو ته ڪيترائي ڏهاڪا انهن مهاجرن انتهائي بي بسي ۽ ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذاريا، انهن ماڻهن آزاديءَ جي تمام وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. پنهنجي راءِ کي مڃرائڻ لاءِ دٻاءُ بدران جمهوري رستو اختيار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو