ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتي جي پهرين ڪاروباري ڏينهن جي شروعات ۾ منفي رجحان ڏٺو ويو، بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 540 پوائنٽن جي گهٽتائي کانپوءِ اڄ 80 هزار جي نفسياتي سطح کان هيٺ اچي ويو.پي ايس ايڪس جي ويب سائيٽ موجب، KSE-100 انڊيڪس 540 پوائنٽس يا 0.67 سيڪڙو گهٽجي 79,577 تي صبح 9:49 تي پهچي ويو.










