ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شروعاتي واپار دوران مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.بينچ مارڪ SE-100 انڊيڪس اڄ 533 پوائنٽ حاصل ڪيو.پي ايس ايڪس جي ويب سائيٽ موجب، صبح 10:51 تي، KSE-100 انڊيڪس 533 پوائنٽس يا 0.69 سيڪڙو وڌي 77,724 تي اچي ويو، جيڪو ڪالهه 77,191 تي بند ٿيو هو.واضح رهي ته 5 آگسٽ تي بينچ مارڪ ايس اي 100 انڊيڪس 1141 پوائنٽن جي گهٽتائي ڪئي هئي جنهن کانپوءِ انڊيڪس 77 هزار 84 تي پهچي ويو هو.










