ايڪسپورٽ انڊسٽري کي 19 رپيا 99 پئسا في يونٽ بجلي فراهم ڪرڻ جو فيصلو

ايڪسپورٽ انڊسٽري کي 19 رپيا 99 پئسا في يونٽ بجلي فراهم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ايڪسپورٽ انڊسٽري کي 19 رپيا 99 پئسا في يونٽ بجلي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته واعدو ڪيو هو ايڪسپورٽ انڊسٽري کي 9 سينٽ تي بجلي ڏني ويندي ۽ ٻن مهينن ۾ کين 9 سينٽ تي بجلي ڏني وئي.هن چيو ته پاڪستان کي ايڪسپورٽ جي ضرورت آهي، اپٽما 12.7 سيڪڙو ايڪسپورٽ وڌائي، اڄ برامد ڪندڙن سان ڳالهيون ٿيون آهن، ٽيڪسٽائل برآمد ڪندڙن برآمدون 12.7 سيڪڙو وڌايون. سندس چوڻ هو ته ڊالر جو حقيقي قدر 200 رپين کان هيٺ آهي، اڃا ڏنڊو ته کنيو ئي ناهي، پاڪستان جي قرض ۽ ادائيگين ۾ 2600 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي، ڊالر هيٺ اچڻ سان قوم کي ۽ معيشت کي فائدو ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو