پشاور (ويب ڊيسڪ)ٽاپ اينڊ ٽي 20 سيريز جي سيمي فائنل ۾ ايڊيليڊ اسٽرائڪرز ٽيم پاڪستان شاهينز کي 30 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.198 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ پاڪستان شاهينز 18.1 اوورن ۾ 167 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، عباس آفريدي 54 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ان کان علاوه عثمان خان 32، محمد حارث 19 ۽ عارف يعقوب 15 رنسون ٺاهيون. ايڊيليڊ اسٽرائڪرز طرفان ليام اسڪاٽ 3، جورڊن بيڪنگهم ۽ لائيڊ پوپ 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته جيڪ ونٽر 104 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ هيري منانٽي 54 رنسون ٺاهيون. پاڪستان شاهينز طرفان عباس آفريدي 3 ۽ فيصل اڪرم ٻه وڪيٽون ورتيون.










