پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ تاريخي درسگاهه ايڊورڊ ڪاليج جي پرنسپل طرفان عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن ۾ پشاور جي ايڊورڊز ڪاليج کي قومي تحويل ۾ موجود ادارو قرار ڏيندي حڪومت پاران جوڙيل بورڊ آف گورنر تحت هلائڻ جو حڪم ڏنو هو. جسٽس قيصر راشد خان ۽ جسٽس محمد ناصر محفوظ تي مشتمل بينچ پرنسپل برگيڊيئر (ر) نيئر فردوس جي داخل ڪيل درخواست جي شروعاتي ٻڌڻي بعد حڪم جاري ڪيو. رپورٽ مطابق پهرين آڪٽومبر تي هاءِ ڪورٽ پشاور بشپ همفري سرفراز پيٽر طرفان داخل ڪيل درخواست خارج ڪئي هئي جنهن ۾ ايڊورڊز ڪاليج کي 2016 جي عدالتي فيصلي جي روشني ۾ نجي تعليمي ادارو قرار ڏيڻ ۽ حڪومت کي ان معاملات ۾ مداخلت ڪرڻ کان روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي. واضح رهي ته بورڊ آف گورنر جي سربراهي گورنر خيبرپختون خواهه وٽ هئي پر هلندڙ سال جي مارچ ۾ چرچ ڪميٽي بورڊ آف گورنر کي ختم ڪري بشپ جي چيئرمين شپ قائم ڪئي هئي.










