ايڊز وائرس تي ضابطي لاءِ عالمي ماهرن جي ٽيم جورتوديروجودورو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي عالمي ماهرن جي ٽيم اڄ رتوديرو ۾ ايڊز وائرس متاثر مريضن، ڊاڪٽرن ۽ صحت کاتي جي عملدارن سان ملاقات ڪري معلومات حاصل ڪندي. عالمي تنظيم جر ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽيم، وائرس جي ڦهلاءَ جي سببن، علاج جي جديد طريقن ۽ خاص ڪري معصوم ٻارن جي علاج بابت مقامي اسٽاف ۽ پارٽنر ادارن کي تربيت ڏيندي. صحت کاتي موجب رتوديرو ۾ 25 اپريل تي پهريون ايڇ آءِ وي پازيٽو ڪيس سامهون آيو جنهن بعد هيستائين 24227 ماڻهن جي ٽيسٽ ڪرڻ بعد 707 مريضن جي نشاندهي ٿي آهي، جن مان چوراسي سيڪڙو يعني 580 ٻار شامل آهن. اهو ئي سبب آهي ته هن خطي ۾ پهريون ڀيرو رتوديرو ۾ عالمي ماهرن جي ٽيم دورو پئي ڪري. ڊبليو ايڇ او جي ترجمان موجب وفد جي دوري جو مقصد ايڊز وائرس جي فهلاءَ جا سبب معلوم ڪري فور روڪٿام لاءِ اپاءَ وٺڻ آهي. عالمي ماهر جديد مشينري، دوائن ۽ علاج بابت سنڌ جي صحت کاتي، يونيسيف، وفاقي ايڊز ڪنٽرول اداري، آغا خان يونيورسٽي سميت پنهنجي پارٽنرز سان مهارت شيئر ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو