ايڇ پي وي خلاف ويڪسينيشن ڪرائڻ تمام ضروري آهي،عذرا

ايڇ پي وي خلاف ويڪسينيشن ڪرائڻ تمام ضروري آهي،عذرا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته ايڇ پي وي خلاف ويڪسينيشن ڪرائڻ تمام ضروري آهي.ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته هن ڪيترائي ڪيس ڏٺا آهن جن ۾ عورتون سروائيڪل ڪينسر سبب فوت ٿي ويون آهن.ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته مان اسڪولن ۾ گهٽ ايندي آهيان. مان سردار شاهه ۽ شهزاد راءِ جي تمام گهڻي شڪرگذار آهيان جو مون کي هتان کان مهم شروع ڪرڻ جو موقعو ڏنو.سنڌ جي صحت واري وزير چيو ته هن بيماري جي تشخيص تمام دير سان ٿيندي آهي ۽ ان جون علامتون تمام گهٽ هونديون آهن، آخري مرحلي ۾ سروائيڪل تمام گهڻو دردناڪ ٿي ويندو آهي.هن چيو ته هڪ وائرس سروائيڪل ڪينسر جو سبب بڻجندو آهي، هي واحد ڪينسر آهي جنهن جي تشخيص ٿي چڪي آهي ۽ ان کي روڪڻ ممڪن آهي.ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته اسان مائرون ۽ ڀينرون هن قوم کي اڳتي وٺي وينداسين، عورتن ۾ تمام گهڻي طاقت آهي.ان کان علاوه، سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ايڇ پي وي ويڪسينيشن مهم کي خطاب ڪندي چيو ته صحت واري وزير مون کي ٻڌايو ته ڪيترائي اسڪول ويڪسينيشن مهم ۾ تعاون نه ڪري رهيا آهن.سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته مون فوري طور تي اسڪولن کي هن مهم ۾ تعاون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن مهم ۾ جتي به منهنجي ضرورت آهي مان موجود آهيان. هي ويڪسين ڇوڪرين لاءِ تمام ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو