تحران (ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته هو ايٽمي ڳالهين لاءِ تيار آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب عباس عراقچي چيو ته اسان پنهنجي پرامن ايٽمي پروگرام بابت ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پر اسان پنهنجي ميزائل پروگرام بابت نه ڳالهائينداسين، عباس عراقچي چيو ته اسان يورينيم جي افزودگي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو ته ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام تي هڪ منصفانه معاهدي تي پهچڻ چاهي ٿو، پر آمريڪا پاران پيش ڪيل شرطون ناقابل قبول آهن.










