ايٽمي اثاثن جي حفاظت لاءِ پاڪستان جي عزم تي يقين رکون ٿا: آمريڪا

ايٽمي اثاثن جي حفاظت لاءِ پاڪستان جي عزم تي يقين رکون ٿا: آمريڪا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان پنهنجي ايٽمي اثاثن جي حفاظت جي عزم تي يقين رکي ٿو.پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڳالهائيندي صدر جوبائيڊن جي پاڪستان بابت بيان تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته صدر جو بائيڊن يقين رکي ٿو ته محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان آمريڪي مفادن لاءِ تمام ضروري آهي.آمريڪي اسٽيٽ آفيس جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته هو پاڪستان سان ڊگهي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، آمريڪا پنهنجي ايٽمي اثاثن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي عزم تي يقين رکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو