سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن، طوفانن جو الرٽ جاري

سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن، طوفانن جو الرٽ جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ متوقع موسمي صورتحال ۽ ممڪنه خطرن بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.اين ڊي ايم اي موجب، ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوائن، آنڌي، جهڪڙ ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. اداري جو چوڻ هو ته موجوده موسمي صورتحال اين اي او سي پاران ٽن کان چئن مهينن اڳ جاري ڪيل موسمي جائزي جي عين مطابق آهي، جڏهن ته سمورن لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن هنگامي صورتحال کي مؤثر انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف علائقن، جن ۾ راولپنڊي، مري، اٽڪ، چڪوال، تله گنگ، منڊي بهاؤالدين، گجرات، جهلم، سيالڪوٽ، گوجرانوالا، حافظ آباد، لاهور، فيصل آباد، خوشاب، جھنگ، ميانوالي، ڊيرا غازي خان، قصور، اوڪاڙا، ساهيوال، ملتان، بهاولپور ۽ رحيم يار خان شامل آهن، اتي گجگوڙ سان گڏ برسات متوقع آهي.اهڙي ريت خيبرپختونخوا جي چترال، دير، سوات، بٽگرام، مانسهرا، ايبٽ آباد، هري پور، صوابي، مردان، چارسدا، پشاور، ڪوهاٽ، ڪرڪ، بنون، ڊيرا اسماعيل خان ۽ وزيرستان سميت مختلف علائقن ۾ پڻ برسات جي پيشگوئي ڪئي وئي آهي. اين ڊي ايم اي گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ گليشيئر ڍنڍن جي ڦاٽڻ (گلاف/GLOF) جي خطري بابت خاص الرٽ جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اچانڪ ٻوڏ (فليش فلڊ)، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ملبي جي ريلن جو خدشو موجود آهي. ٻئي طرف بلوچستان جي تربت، ڪيچ، آواران، خضدار ۽ ژوب جڏهن ته سنڌ جي جيڪب آباد، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، دادو، گھوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور، شهيد بينظير آباد ۽ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ پڻ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي ضلعي انتظاميا، ريسڪيو ادارن ۽ لاڳاپيل کاتن کي حساس علائقن جي مسلسل نگراني ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.عيوضي عملدارن پاران شهرين، خاص ڪري سياحن ۽ مسافرن کي شديد برسات دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ اترين علائقن (شمالي علائقن) ڏانهن وڃڻ کان اڳ موسم ۽ رستن جي صورتحال ضرور چيڪ ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو