ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ۽اين ايف سي ايوارڊ جي اڳوڻي ميمبرپروفيسر محمد ابراهيم چيو آهي ته وفاق طرفان اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٻه اکيائي سبب ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي وڌي رهيو آهي، نواز ليگ کان وٺي انصاف جا دعويدار به اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي پنهنجو جائز حق نٿا ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي سنڌ جي ميڊيا سيل ۾ دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا ۽ ٻيا ذمه دار به موجود هئا. اڳوڻي سينيٽر پروفيسر محمد ابراهيم وڌيڪ چيو ته عدل ۽ انصاف کان بغير ڪوبه ملڪ ۽ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، پنهنجي مفادن لاءِ آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪندڙ حڪمران ٽولو صوبن جي حقن جي مامري ۾ ساڳي آئين ۽ قانون جون ڌڄيون اُڏائي رهيا آهي، فاٽا ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيڻ باوجود جائز حقن کان محروم آهي، ساڳي شڪايت سنڌ ۽ بلوچستان کي به وفاق کان آهي، اسان اين ايف سي ايوارڊ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ اجلاسن دوران بار بار عدل ۽ انصاف ۽ ننڍن صوبن کي جائز حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، پر اقتدار ۽ طاقت جي نشي ۾ڌت ويٺل حڪمران ننڍن صوبن جي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيارئي ڪونه آهن، جنهن جي ڪري وفاق ۽ ننڍن صوبن وچ ۾ ويچا وڌي رهيا آهن. قرآن ۽ سنت جي نظام ئي سڀني مسئلن جو حل ننڍن صونب کي پنهنجا حق ملي سگهن ٿا.هن زور ڀريو ته وفاق آئين ۽ دستور ۾ رکيل اين ايف سي ايوارڊ موجب ننڍن صوبن کي پنهنجا جائز حق ڏيڻ ۾ اڳڀرائي ڪري ائين نه ٿئي جو پوءِ گهڻي دير ٿي وڃي، هن چيو ته جماعت اسلامي هيميشه عدل ۽ انصاف جي ڳالهه ۽ هر فورم تي ننڍن صوبن جي جائز حقن لاءِ آواز اُٿاريو آهي










