اينڪر اغواڪيس ۾ فون افغانستان جو استعمال ٿيو

اينڪر اغواڪيس ۾ فون افغانستان جو استعمال ٿيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي انسپيڪٽر جنرل ڊاڪٽر عثمان انور اڱاري ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته عمران رياض جي ڪيس ۾ جيڪي فون نمبر استعمال ٿيا آهن اهي افغانستان جا آهن. اينڪر پرسن عمران رياض جو11 مئي تي گرفتاري کان پوءِ ان جو ڪٿي به پتو ناهي پيو. هن اهڙو اظهار ان وقت ڪيو جڏهن عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ملڪ ۾ شروع ٿيندڙ احتجاج دوران گرفتار ڪيل اينڪر پرسن کي ڳولڻ جي درخواست تي ٻڌڻي شروع ڪئي. بعد ۾ سندس وڪيل ٻڌايو ته اينڪر پرسن جي گرفتاري لاءِ 12 مئي تي رٽ درخواست داخل ڪئي وئي هئي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته هو ان ئي ڏينهن عدالت ۾ پيش ٿئي. پر سندس حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي سيالڪوٽ پوليس کي عمران جي ڳولا لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏني وئي. اينڪر پرسن جي والد محمد رياض جي فرياد تي 16 مئي تي سول لائنز پوليس ۾ معاملي جي فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) داخل ڪئي وئي هئي. عدالت حڪم ڏنو هو ته سڀ ايجنسيون گڏجي ڪم ڪن ۽ اينڪر بابت رپورٽ 30 مئي تي عدالت ۾ پيش ڪن. چيف جسٽس امير ڀٽي جي عدالت کي دفاع واري وزارت جي وڪيل ٻڌايو ته عمران رياض بابت اڃا ڪا خبر ناهي پئي. آءِ جي ٻڌايو ته جيو فينسنگ ۾ به ڪا ڄاڻ ناهي ملي ڪوشش ڪريون پيا. عمران رياض جي وڪيل چيو ته لڳي ٿو عدالت کي آءِ جي قائل ڪري ورتو آهي ته عمران رياض افغانستان ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو