ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالتن مان اينٽي ڪرپشن ڪورٽن ۾ منتقل ڪيل ڪرپشن جا ڪيس ٻيهر نيب عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. نيب پراسيڪيوٽر جي درخواست تي احتساب عدالت 15 ريفرنس بحال ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڏني. سنڌ هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جا ڪيس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو هو ۽ تمام ڪيس واپس نيب عدالت منتقل ڪرڻ لاءِ چيو هو.










