لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب عمر سرفراز چيما کي سندس گهر مان حراست ۾ ورتو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن ٽيم اڄ صبح 4:30 وڳي عمر چيما کي حراست ۾ ورتو.گرفتاري دوران اينٽي ڪرپشن اهلڪارن چيو ته توهان پاڻ سان شيونگ ڪٽ وٺي سگهو ٿا، جنهن تي عمر چيما چيو ته وٽس شيونگ ڪٽ ناهي پر هو بوٽ پائيندو آهي.










