ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ 20 ٽيمن جو فيصلو ٿي ويو

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ 20 ٽيمن جو فيصلو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ 20 ٽيمَن جو لائن اپ مڪمل ٿي ويو آهي. خميس ڏينهن ايشيا پيسيفڪ ريجنل فائنل ۾ متحده عرب امارات (يو اي اي) جاپان کي شڪست ڏئي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ان سان گڏ ايندڙ سال ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ٿيندڙ سڀني 20 ٽيمَن جو فيصلو ٿي چڪو آهي. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ هنن ملڪن جو ٽيمون شرڪت ڪنديون. سري لنڪا، ڀارت، پاڪستان، آسٽريليا، بنگلاديش، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، نيوزي لينڊ ۽ افغانستان. انهن کان علاوه نيميبيا، زمبابوي، آئرلينڊ، ڪينيڊا، اٽلي، نيدرلينڊ، نيپال، عمان، آمريڪا ۽ يو اي اي پڻ ٽورنامينٽ ۾ کيڏنديون. واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ايندڙ سال 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين ڀارت ۽ سري لنڪا ۾ کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو