واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)سي اين اين ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته لبنان ۾ اسرائيل جي وڌيل حملن کي روڪڻ ۽ جنگبندي بابت صدر ٽرمپ ۽ نيتن ياهو ۾ ٿيل فون تي ڳالهه ٻولهه دوران ’گرما گرمي‘ ٿي هئي. ان جا وڌيڪ تفصيل نه ڏنا ويا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ نيتن ياهو کي لبنان مان پوئتي هٽڻ لاءِ چيو پر ان تي عمل نه ٿيو ۽ اسرائيل ڏکڻ لبنان جي ٻين شهرن تي بمباري شروع ڪري ڇڏي. ايران اڳ ۾ ئي شرط رکيو آهي ته آمريڪا سان تيسين ڳالهيون معطل رهنديون جيسين لبنان ۾ جنگبندي نه ٿيندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سندس خيال موجب ايندڙ هڪ هفتي دوران ايران سان معاهدو طئي ٿي ويندو. آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي صدر ٽرمپ چيو ته ايران سان معاهدي تحت جنگ بندي ۾ واڌ (توسيع) ڪئي ويندي ۽ هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) کي ٻيهر بحري آمد و رفت لاءِ کوليو ويندو. ان کان اڳ ٽرمپ چيو هو ته ايران سان آمريڪا جا مذاڪرات تيزي سان جاري آهن. ٽرمپ چيو هو ته کيس پيغامن جي ڏي وٺ بند ڪرڻ جي ايراني فيصلي تي ڪو اعتراض ناهي، پر پيغامن جي معطلي جو مطلب اهو هرگز ناهي ته آمريڪا ٻيهر فوجي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيندو. ٽرمپ وڌيڪ چيو هو ته آمريڪا ايران جي بحري ناڪابندي جاري رکندو ۽ ان وقت جو انتظار ڪندو جڏهن ايران آمريڪا کي منظور ٿيندڙ شرطن تي ڊيل ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي، اها ناڪابندي لوهي (مستحڪم) آهي.
روسي حملن ۾ 21 يوڪريني مارجي ويا
روس جي ميزائلن ۽ ڊرونن جي رات ڀر جاري حملن ۾ يوڪرين جي مختلف علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 21 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ ٻه ٻار به شامل آهن. هي حملو تازن مهينن دوران ماسڪو جي سڀ کان وڏين فوجي ڪاررواين مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي. علائقائي اختيارين موجب، ڊنيپرو شهر ۾ هڪ اٺ ورهين جو ڇوڪرو ۽ هڪ عورت، جن کي رهائشي عمارت جي ملبے مان ڪڍيو ويو، انهن سميت 12 ماڻهو مارجي ويا. جڏهن ته گاديءَ واري شهر ڪيئف ۾ ڇهه ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا. يوڪرين جي صدر وولوديمر زيلنسڪي چيو ته سڄي ملڪ ۾ شهري ڍانچي ۽ توانائي جي سهولتن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. روس جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته اهي حملا يوڪرين جي اڳوڻن حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا. وزارت پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته حملي جا سڀئي “مقرر ڪيل هدف” ڪاميابي سان حاصل ڪيا ويا آهن.
لبنان تي اسرائيل جي “ڊگهي قبضي” جو ڪو به جواز نٿو ٿي سگهي، فرانس
فرانس جي پرڏيهي وزير جين-نوئل بارو چيو آهي ته گذريل ٻن ڏهاڪن دوران پنهنجي اترين پاڙيسري ملڪ لبنان ۾ اسرائيل جي سڀ کان وڏي فوجي چڙهائي کان پوءِ لبناني علائقن جي گهراين تائين اسرائيلي فوجن جي موجودگيءَ جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي. لبنان ۾ هن وقت نام نهاد “جنگبندي” لاڳو هجڻ باوجود، حزب الله ۽ اسرائيلي فوجن وچ ۾ ويڙهه وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسرائيل ڏکڻ لبنان تي بمباري جاري رکندي سوين هزارين رهواسين کي زبردستي بي گهر ڪري رهيو آهي. بارو فرانس ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو: “فوجي ڪاررواين جي جاري رهڻ ۽ لبناني سرزمين جي گهراين تائين اسرائيل جي ڊگهي قبضي جو ڪو به جواز نٿو ٿي سگهي.” زميني ذريعن موجب، اسرائيلي فوجن ڏکڻ لبنان جي وڏن شهرن مان هڪ نباتيه تي ڪيترائي فضائي حملا ڪيا آهن. هي شهر حزب الله جو هڪ اهم حڪمتِ عملي وارو مرڪز سمجهيو ويندو آهي، ۽ تازن ڏينهن ۾ اسرائيلي فوجن ان جو گهيرو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته فوجون اتر طرف اڳتي وڌنديون پيون وڃن. اسرائيلي حملا نباتيه ضلعي جي ٻين علائقن ۾ به رپورٽ ٿيا آهن، جتي اسرائيل ويجهن علائقن تي پنهنجو قبضو وڌيڪ مضبوط ڪري رهيو آهي. ڊرون حملن ۾ ڪفر سير ۽ عابا جا شهر نشانو بڻايا ويا، جڏهن ته هڪ ٻئي حملي ۾ هومين الفوقا ڏانهن ويندڙ رستو نشانو بڻايو ويو. اسرائيلي فضائي حملي يحمر الشقيف جي ڀرپاسي واري علائقي کي به متاثر ڪيو.
اسرائيلي حملي ۾ تباهه عمارت مان 6 لاش ڪڍيا ويا
اسرائيل جي حملي جو شڪار بڻيل ڏکڻ لبنان جي هڪ رهائشي عمارت جي ملبي مان6 لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته ٽي زخمي ماڻهن کي بچايو ويو آهي. سول ڊفينس اداري هڪ بيان ۾ چيو: “گذريل شام کان وٺي اڄ صبح تائين اهلڪار مروانيه – صيدا ضلعي ۾ هڪ رهائشي عمارت تي سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن جاري رکيا، جيڪا اسرائيلي حملي جو نشانو بڻي هئي.” بيان موجب، انهن ڪاررواين دوران ڇهن شهيدن جا لاش هٿ آيا ۽ ٽن زخمين کي بچائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين ضروري علاج فراهم ڪيو ويو. اداري چيو ته سخت ۽ خطرناڪ حالتن باوجود ملبي هيٺان ممڪن بچيل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.
حزب الله جي ڊرون حملي ۾ 2 اسرائيلي فوجي زخمي
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته اڄ صبح ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي ڊرون حملي ۾ ٻه اسرائيلي فوجي زخمي ٿيا آهن. ان کان علاوه، هفتي جي آخر ۾ ڏکڻ لبنان ۾ ٻه وڌيڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويا هئا. مارچ جي شروعات کان ٽي مهينا اڳ ٻيهر شروع ٿيل ويڙهه کان وٺي مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو انگ 26 ٿي ويو آهي. ان عرصي دوران چار اسرائيلي شهري پڻ مارجي چڪا آهن. تازين ويڙهين دوران حزب الله فائبر آپٽڪ ڪيبلن ذريعي ڪنٽرول ٿيندڙ اهڙا ڊرون استعمال ڪيا آهن، جيڪي اسرائيلي اليڪٽرانڪ نگراني ۽ سڃاڻپ واري نظام کان بچڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
بحرين پاران شهرين جي ايران ۽ عراق سفر تي پابندي
بحرين جي گهرو وزارت موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۾ جاري ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي پنهنجن شهرين جي ايران ۽ عراق سفر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته وچ اوڀر ۾ نازڪ جنگبندي واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي بحريني شهرين کي هن فيصلي تي عمل ڪرڻ گهرجي.
يو اين اسرائيل تي سزا ۽ پابندين جو فيصلو ڪري، ايران
ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو آهي ته اها “صرف ڳڻتي ظاهر ڪرڻ واري مرحلي کان اڳتي وڌي” ۽ اسرائيل خلاف “سزائن ۽ پابندين تي ٻڌل لازمي فيصلا” منظور ڪري. غريب آبادي ايڪس (X) تي هڪ پوسٽ ۾ چيو: “وچ اوڀر جو بحران صهيوني حڪومت جي ڏوهن ۽ ان کي حاصل استثنيٰ جو نتيجو آهي، جيڪا حڪومتن جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي ڪري ٿي، جنگبندين کي بي معنيٰ بڻائي ٿي ۽ فلسطينين جي مقدس شين جي بي حرمتي ڪري ٿي.” هن وڌيڪ چيو: “بين الاقوامي قانون کي سستا ۽ غير مؤثر مذمتي بيان جاري ڪري برقرار نٿو رکي سگهجي.” غريب آبادي چيو ته: “آمريڪي صدر جي اها دعويٰ ڪرڻ ته هن نيتن ياهو کي بيروت تي وڏي حملي کان روڪيو، رڳو واشنگٽن جي امن پسنديءَ جي نشاني ناهي، پر اهو صهيوني حڪومت جي جارحيتن جي سڌي سنئين آمريڪي نگراني ۽ انتظام جو ثبوت به آهي.” هن وڌيڪ سوال اٿاريو: “جيڪڏهن هڪ خودمختيار ملڪ جي گادي واري شهر تي حملي جو فيصلو صرف هڪ فون ڪال سان تبديل ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ بنيادي سوال اهو آهي ته جنگبندي جي مهينن تي پکڙيل ڀڃڪڙيون، لبنان خلاف جارحيت، ان جي ماڻهن جي بي دخلي، ۽ ملڪ جي خودمختياري خلاف ڌمڪيون ــ جيڪي مغربي سياسي ۽ فوجي حمايت سان جاري رهيون ــ بنا رڪاوٽ ڇو هلنديون رهيون؟”
حزب الله پاران ٻطرفي جنگ بندي جي آمريڪي تجويز قبول
واشنگٽن ۾ لبناني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته حزب الله ٻطرفي جنگ بندي جي آمريڪي تجويز کي قبول ڪري ورتو آهي.لبناني سفارتخاني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حزب الله جنگ بندي کي وڌائي (توسيع ڏئي) لبنان جي سمورن علائقن ۾ لاڳو ڪرڻ جي تجويز قبول ڪئي آهي.لبناني سفارتخاني موجب، شروعاتي مرحلي ۾ اسرائيل بيروت جي ڏاکڻين (جنوبي) علائقن تي حملن کان پاسو ڪري.
صهيوني حڪومت ۽ آمريڪي فوج کي خبردار ڪريون ٿا، لبنان تي حملا بند نہ ٿيا ته سنگين نتيجا نڪرندا: ابراهيم عزيزي
ايراني پارليامينٽ جي نيشنل سڪيورٽي ڪميٽي جي سربراهه ابراهيم عزيزي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن لبنان تي حملا بند نه ٿيا ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا. ابراهيم عزيزي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان صهيوني حڪومت ۽ آمريڪي فوجن کي خبردار ڪريون ٿا، اهي ماڻهو چڱي ريت ڄاڻين ٿا ته اها ڪا کوکلي ڌمڪي ناهي. ابراهيم عزيزي وڌيڪ چيو ته ايران فوجي جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، ۽ خطي ۾ موجود آمريڪي فوجن کي به ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
ايراني پاسداران انقلاب پاران آمريڪي ملڪيت جي ڪمرشل بحري جهاز کي ڪروز ميزائل سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته سندس نيوي عراقي سمنڊي حدن ويجهو آمريڪا ۽ اسرائيل سان تعلق رکندڙ جهاز تي ڪروز ميزائل سان حملو ڪيو آهي. پاسداران انقلاب موجب، آمريڪي ملڪيت جي مالڪي رکندڙ ۽ پاناما جي جهنڊي هيٺ هلندڙ بحري جهاز “ايم ايس سي سارسڪا” (MSC Sariska) کي ڪروز ميزائل سان نشانو بڻايو ويو. پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته حملي سبب جهاز تي ڌماڪو ٿيو، ۽ هو مستقبل ۾ ٿيندڙ ڪنهن به حملي جو فيصلائتو جواب ڏيندا. ايراني ميڊيا موجب، پاسداران انقلاب جي اها ڪارروائي عمان ويجهو هڪ ايراني جهاز تي ٿيل حملي جي جواب (ردِعمل) ۾ ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ، خليج ۾ ام القصر کان تقريبن 74 ڪلوميٽر ڏکڻ-مشرق (جنوب مشرق) ۾ هڪ ڪارگو جهاز کي ڪنهن شيءِ (پروجيڪٽائل) سان نشانو بڻائڻ جي خبر سامهون آئي هئي. تنهن هوندي به، يونائيٽيڊ ڪنگڊم ميري ٽائم ٽريڊ آپريشنز اڃا تائين ان ڳالهه جي تصديق ناهي ڪئي ته نشانو بڻجندڙ جهاز ڪهڙو هو.










