سپر ٽيڪس بابت سمورن ڪيسن جي ايندڙ هفتي گڏيل ٻڌڻي

سپر ٽيڪس بابت سمورن ڪيسن جي ايندڙ هفتي گڏيل ٻڌڻي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سپر ٽيڪس جا سمورا ڪيس گڏ ڪري ايندڙ هفتي اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي.ايف بي آر جي وڪيل چيو ته سپر ٽيڪس ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو حتمي فيصلو اچي ويو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلي تي عملدرآمد 60 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي.وڪيل ڪمپنيز لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد ايف بي آر جون درخواستون غير موثر ٿي ويون آهن.وڪيل فروغ نسيم چيو ته عدالت 50 سيڪڙو سپر ٽيڪس ادا ڪرڻ جو حڪم نٿو ڏئي سگهي.چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيس ايندڙ هفتي طئي ٿي ويندو، ايف بي آر سپر ٽيڪس ڪيس ۾ سٺي نيت سان آيو آهي.وڪيل فيصل صديقي چيو ته هن وقت ايف بي آر جي وکالت ڪري رهيو آهيان، ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو ته وفاق جي نمائندگي به ڪندس.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته پاڪستان ديوال نه ٿو وڃي، ملڪي مفاد لاءِ سڀني کي پاڻ کي سڌارڻ جي ضرورت آهي.چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي 16 فيبروري تائين ملتوي ڪندي حڪومت کان پڇاڻو ڪيو ته پرڏيهي ڪرنسي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو