ايندڙ عام چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ رڳو وفادار ۽ مخلص ماڻهن کي ڏيندس: خان

ايندڙ عام چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ رڳو وفادار ۽ مخلص ماڻهن کي ڏيندس: خان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ پارٽي ٽڪيٽ رڳو وفادار ۽ مخلص ماڻهن کي ڏيندو.زمان پارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي رستو رڳو عدليا وٽ آهي.هن جو چوڻ هو ته موجودا سرڪار چونڊون ڪرائڻ ۾ سنجيدا نه آهي، وقت سر چونڊون ڪرائڻ لاءِ رڳو عدليا مان اميد آهي.عمران خان چيو ته پهريان حڪومت دهشتگردي خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس ( اي پي سي ) سڏائي، اي پي سي ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو پوءِ ڪنداسين.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ رڳو وفادار ۽ مخلص ماڻهن ڏيندس.آءِ ايم ايف سان معاهدي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي مالياتي اداري سان مهانگائي جو طوفان ايندو، حڪمران پنهنجا ڊالر ٻاهر منتقل ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي معيشت کي رڳو سمنڊ پار پاڪستانين جي سيڙپڪاري بچائي سگهي ٿي.عمران خان چيو ته مريم نواز کي مسز منڊيلا بڻائي پاڪستان ۾ لانچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا بري طرح ناڪام ٿي وئي، نواز شريف به پاڪستان واپس اچي کيس پنهنجي مقبوليت جو اندازو ٿي ويندو.هن اعتراف ڪندي چيو ته حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ باجوا سان ملاقات ٿي هئي.هن چيو ته اسيٽبلشمينٽ جو مطلب رڳو آرمي چيف هوندو آهي، موجودا آرمي چيف سان ملاقات واري سوال تي عمران خان چيو ته تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي پر ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي پر حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ جنرل ( ر ) باجوا سان ملاقات ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو