ايندڙ بجيٽ ۾ دوڪاندارن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو امڪان

ايندڙ بجيٽ ۾ دوڪاندارن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ دڪاندارن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي مطالبن جي روشني ۾ ٽيڪس تجويزن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 2 لک دڪاندارن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرطن تي دڪاندارن کي ٽيڪس ڏيڻ لاءِ هڪ خاص اسڪيم شروع ڪئي ويندي جنهن تحت دڪاندارن کان بجلي جي بلن تي ٽيڪس لڳايو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون وينڊرز کان ٽيڪس وصول ڪنديون، اسڪيم 1 ڪروڙ رپين جي سالياني آمدني وارن وينڊرز ۽ سروس فراهم ڪندڙن تي لاڳو ٿيندي.ان حوالي سان ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جي عملدارن وچ ۾ اڄ اهم اجلاس ٿيندو.بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون اهو ٽيڪس وينڊرز کان بجلي جي بلن سميت وصول ڪنديون ۽ ايف بي آر کي منتقل ڪنديون. ايف بي آر 1 ڪروڙ رپين جي سالياني آمدني وارن دڪاندارن کي ٽيڪس ڏيڻ لاءِ هڪ اسڪيم متعارف ڪرائيندو ۽ انهن کي فعال ٽيڪس ادا ڪندڙن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو