ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاقي حڪومت ڇڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاقي حڪومت ڇڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته وزيراعظم ايم ڪيو ايم سان ڪيل واعدو پورو نه ڪيو ، هڪ مطالبو پورو نه ڪيو  وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جي خدشن باوجود مردم شماري جي منظوري ڏني  اسان کي ٻڌايو وڃي. اسان حڪومت ۾ ڇو آهيون.هن چيو ته روڊن تي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ناهي.ياد رهي ته وفاقي ڪابينا تازو ئي مردم شماري جي نتيجن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.اتحادي پارٽي ، ايم ڪيو ايم هڪ اختلافي نوٽ جمع ڪرايو ۽ وفاقي وزير امين الحق ، جنهن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي ، فوري طور تي مردم شماري جو مطالبوڪيو هو

پهنجو تبصرو موڪليو