ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان ٽن ضلعن جي ضلعي ناظمن جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا.ذريعن موجب مرڪزي ضلعي جي ايڊمنسٽريٽر لاءِ سرڪاري آفيسر شريف خان جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اوڀر ضلعي جي ايڊمنسٽريٽر لاءِ سرڪاري آفيسر شڪيل احمد جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪورنگي ضلعي جي ايڊمنسٽريٽر لاءِ سرڪاري آفيسر فرقان عاطب جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن گورنر هائوس ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ انهن نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي.ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ اوڀر ضلعي جي ايڊمنسٽريٽر کي تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي.ٻئي طرف ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته بلديه عظميٰ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جي نالي تي به اڄ غور ڪيو پيو وڃي، ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان طئي ڪيل نالي جي منظوري پيپلز پارٽيءَ کان ورتي ويندي.










