ايم ڪيو ايم روڊن تي نه حڪومت کان نڪري،وهاب

ايم ڪيو ايم روڊن تي نه حڪومت کان نڪري،وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم پاران تحريڪ انصاف سرڪار سان ناراضگي جي تي تنزڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم روڊن تي نه ، حڪومت کان الڳ ٿئي.مرتضيٰ وهاب چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان روڊن تي اچڻ جي ڳالهه ڪئي آهي پر حڪومت ڇڏڻ کانسواءِ روڊن تي اچڻ جو ڪو فائدو  ناهي.هن چيو ته ايم ڪيو ايم لالي پاپ ڏيڻ بند ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي ته اها صوبي جي عوام سان گڏ آهي يا نه.ياد رهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي ڪالهه چيو هو ته روڊن تي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي ، حڪومت ۾ رهڻ دوران احتجاج جو آپشن استعمال نه ٿي سگهندو ۽ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اختيار  آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو