ايم ڪيو ايم جو سنڌ ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو

ايم ڪيو ايم جو سنڌ ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪندي سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايم ڪيو ايم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پ پ خلاف گڏيل حڪمت عملي لاءِ جي ڊي اي قيادت ۽ جي يو آءِ (ف) سان جلد ملاقات جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر شهري علائقن لاءِ مسئلا ۽ ناانصافيون پيدا ڪندي، ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين سان رابطا ڪندي.سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي لحاظ کان ٻي وڏي پارٽي هئڻ ڪري مخالف ڌر جو اڳواڻ ايم ڪيو ايم وٽ هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو