ايم ڊي ڪيٽ پيپر جي مبينا ليڪ ٿيڻ جي جاچ جاري

ايم ڊي ڪيٽ پيپر جي مبينا ليڪ ٿيڻ جي جاچ جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل پاران ايم ڊي ڪيٽ پيپرز جي مبينا ليڪ ٿيڻ جي جاچ جاري آهي.ايف آءِ اي ذريعن موجب شروعاتي طور تي 150 شاگردن کي جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، ڪالهه 96 شاگرد جاچ لاءِ ايف آءِ اي آفيس ۾ پيش ٿيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن شاگردن جي والدين جي موجودگي ۾ بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن ۾ شاگردن پاران مبينا طور پيپر يا گيس پيپر ليڪ ٿيڻ جا تفصيل ڏنا ويا.ڪجهه شاگردن جو چوڻ هو ته کين هڪ ڏينهن اڳ واٽس ايپ ذريعي اهڙو ئي ليفليٽ مليو هو، شاگردن پاران اهي ليفليٽ وڪرو ڪندڙ ماڻهن جا نمبر به ڏنا پيا وڃن.ذريعن موجب هن وقت تائين جي جاچ ۾ ليڪ ٿيل پيپر بابت 100 سيڪڙو ڄاڻ نه ملي سگهي آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ سمورن شاگردن جا بيان سامهون اچڻ بعد وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سڏايل 150 شاگردن ايم ڊي ڪيٽ ۾ 200 مان 190 مارڪون حاصل ڪيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو