ايمرجنسي پيدا ڪريو،گِل کي سرڪاري اسپتال موڪلڻ جو حڪم

ايمرجنسي پيدا ڪريو،گِل کي سرڪاري اسپتال موڪلڻ جو حڪم

اسلام آباد ( بيورو ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي چيف آف اسٽاف شهباز گِل کي جسماني رمانڊ ڏيڻ کان روڪڻ لاءِ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي جيل کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن موجب عمران خان حڪم ڏنو آهي ته ايمرجنسي پيدا ڪري شهباز گِل کي فوري راولپنڊي جي ڪنهن سرڪاري اسپتال موڪلي ڇڏيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي ٻڌايو ويو آهي ته اهو غيرقانوني عمل آهي ائين نٿو ڪري سگهجي.ذريعن موجب عمران خان زور ڏنو ته آهي ته نتيجو ڪهڙو به هجي ائين ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو