ايل پي جي قيمتن ۾ گهٽتائي، نوٽيفڪيشن جاري

ايل پي جي قيمتن ۾ گهٽتائي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) ايل پي جي قيمتن ۾ 7 روپيه في ڪلو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ايل پي جي ايسوسيئيشن موجب پاڪستان ايل پي جي پيداواري ادارن(پارڪو پاڪ ارب ريفائنري) ايل پي جي قيمتن ۾ 7 روپيه في ڪلو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب 7 روپين جي گهٽتائي کان پوءِ ايل پي جي جي نئين قيمت 120 روپيه في ڪلو ٿي وئي آهي. چيئرمين ايل پي جي انڊسٽريز ايسوسيئيشن پاڪستان عرفان کوکر چيو آهي ته ايل پي جي جي امپورٽ بند ڪرڻ جي هڪ ٻئي سازش ڪئي پئي وڃي.سڄي ملڪ ۾ ايل پي جي جي گهرج کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 60 سيڪڙو ايل پي جي امپورٽ ڪرڻ ضروري آهي. سال 2020 ۾ لوڪل ايل پي جي پروڊڪشن 742282 ميٽرڪ ٽن ۽ امپورٽ 950552 ميٽرڪ ٽن هئي.جيڪڏهن ايل پي جي جي امپورٽ کي روڪيو ويو ته ڊيمانڊ اينڊ سپلائي جي کيپ وڌي ويندي ۽ ايل پي جي جي قيمتن ۾ روزاني حيرت جوڳو اضافو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو