اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مهانگائيءَ جي ستايل عوام لاءِ بري خبر سامهون اچي وئي، ايل پي جي مهانگي ڪئي وئي آهي.اوگرا فيبروري لاءِ ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت ايل پي جي جي قيمت ۾ 6 رپيا 37 پيسا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلو گرام جو گهريلو سلينڊر 75 رپيا 71 پيسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2667 رپين جو ٿي ويو آهي.










