ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ليڊي هيلٿ ورڪرز کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ذوالفقار ڌاريجو رات جو ڇوڪرين کي آفيس ۾ گهرائي ٿو، ڇو نه سندس نوڪري ختم ڪئي وڃي. جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته عدالت جي اهڙن ريمارڪس سبب سندس ڪيريئر داغدار ٿي ويندو. جنهن تي عدالت کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان سدائين ڪرپٽ ماڻهن جي طرفداري ڪندا آهيو. هن جي حرڪتن تي کيس سندس خلاف ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪريون ۽ سندس نوڪري به ختم ڪجي. اسانکي رڳو ٻه لائينون لکڻيون آهن. جنهن تي ڌاريجو وضاحت ڪئي ته اهو مٿس الزام آهي هن ڪنهن به ڇوڪري کي آفيس وقت کانپوءِ ڪڏهن آفيس ۾ ناهي گهرايو. عدالت ايديشنل ايڊوڪيٽ جنرل شبير شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته گريڊ 19 هين جي آفيسر کي 20 هين گريڊ ۾ چارج ڇو ڏني وئي آهي. ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڪو ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي هنن احتجاج ڪيا روڊ بند ڪيا تڏنهن به سندن ڪو ڳالهه نٿو ٻڌي. سرڪاري وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجو کي ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام مان هٽائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هيپاٽائيٽس پروگرام جو انچارج مقرر ڪيو ويو آهي. عدالت چيو ته هي هاڻي اتي به عورت ملازمن کي تنگ ڪندو. وڪيل چيو ته ان ۾ عورتون نه هجڻ جي برابر آهن. عدالت چيو ته اوهان کي خبر آهي ته سنڌ ۾ پوليو جا ڪيترا ڪيس آهن ۽ هنن جي حرڪتن سان ليڊي هيلٿ ورڪرز پريشان آهن. وڪيل عدالت کي چيو ته رحم ڪيو وڃي هاڻي کيس هٽايو ويو آهي. جنهن بعد عدالت سختي سان هدايت ڪئي ته انتهائي احتياط کان ڪم وٺو ۽ آئنده شڪايت آئي ته سخت ڪاروائي ٿيندي. ٻه رڪني بينچ هن ڪيس جي وڌيڪ ڪاروائي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










