ايف ڪي آر فائونڊيشن پاران ڳوٺاڻن کي ٻيڙي فراهم

چوٽياريون (رپورٽ:ذوالفقارعلي شاھ ) ڳوٺاڻن وٽ ٻيڙي جي سهولت نه هئڻ جي خبرن جو نوٽيش وٺندي ايف ڪي آر فائونڊيشن جي باني قاضي فرحان خان راڄڙ ٻيڙي فراهم ڪري ڇڏي. ڳوٺ محمد اسماعيل راڄڙ سميت آس پاس جي ڳوٺاڻن کي نارا ڪئنال مان تار تي گذرڻو پوندو هو جنهن سبب  ڪجهه رھواسي ٻڏي فوت به ٿيا هئا. ھن پتڻ سان ڪيترن ئي ڳوٺن جو رابطو جڙيل آھي اھي ڳوڻان ڪيتري ئي وقت کان ڏکيائن کي منھن ڏئي رھيا ھئا ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته اسان ايف ڪي آر فائونڊيشن جي باني محترم قاضي فرحان راڄڙ جا نھايت ئي ٿورائتا آھيون جنھن اسان کي ٻيڙي ڏني ھاڻي اسان جو ھن پتڻ ذريعي نارا ڪئنال مان گذرڻ آساني سان ٿيندو ان موقعي تي ڳوٺاڻن پاران مٺائي ورھائي دعائون پڻ گھريون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو