اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس ايف نائين پارڪ ۾ عورت سان زيادتي ۾ ملوث 2 جوابدارن جي مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.پوليس موجب اسلام آباد جي سيڪٽر ڊي 12 ۾ ناڪي تي 2 نامعلوم هٿياربند موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪئي جنهن کان پوءِ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار مبينه طور تي ايف نائن پارڪ ۾ نوجوان ناريءَ سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ ملوث هئا. پوليس گذريل ڏينهن جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري چڪي هئي. جوابدارن گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. جوابدار فرار ٿيڻ دوران ناڪو ڏٺو ته فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن کان پوءِ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار مارجي ويا.پوليس ذريعن موجب ٻنهي جوابدارن کي گذريل ڏينهن مارگله پوليس گولڙه ٿاڻي جي علائقي مان گرفتار ڪيو هو، هڪ جوابدار جي سڃاڻپ نواب علي ۽ ٻئي جي اقبال جي نالي سان ٿي آهي. ٻئي جوابدار رڪارڊ يافته هئا. سندن خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل هئا.










