سبي(ويب ڊيسڪ) سبي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايف سي جا 5 جوان شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب، سنگن جي علائقي ۾ دهشتگردن فرنٽيئر ڪور جي پيٽرولنگ پارٽي تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ايف سي جا جوان شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب، ايف سي جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي به وڏو نقصان پهتو، اضافي نفري طلب ڪري علائقي کي گهيري ۾ وٺي فرار ٿيل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرڄ آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب شهيد اهلڪارن ۾ حوالدارظفر علي، لانس نائيڪ هدايت الله، نور الله، بشير ۽ سپاهي ناصر عباس شامل آهن. شهيد ظفر علي، هدايت الله ۽ نور الله جو لڪي مروت سان ٿعلق آھي، سپاهي بشير جو نصير آباد ۽ لائس نائڪ ناصر عباس جو پنجاب جي ضلعي بکر سان تعلق آهي. بلوچستان ۾ 14 جون تي به ايف سي اهلڪارن تي حملو ٿيو هو جنهن ۾ 4 جوان شهيد ٿيا هئا. سيڪوڙتي فورسز جو چوڻ آهي ته پرڏيهي دشمن قوتون بلوچستان ۾ بدامني ڪرائڻ ۾ رڌل آهن.










