ايف بي آر انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ايف بي آر انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.ايف بي آر موجب انڪم ٽيڪس گوشوارا 15 ڊسمبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا.ياد رهي ته تازو ڪراچي چيمبر ايف بي آر کي اپيل ڪئي هئي ته انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 31 ڊسمبر 2022 تائين واڌ ڪئي وڃي.ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار 30 سيپٽمبر 2022 تي انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ مهيني جي واڌ جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو