گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني يعني ايف ايف سي ميرپور ماٿيلو پاران پرائمري اسڪول ايريگيشن ڪالوني کي بينچون ڏنيون ويون. اسڪول جي هيڊ ماسٽر جي درخواست تي ڪرنل فاروق عزيز ۽ سپروائيزر يونس بلوچ اسڪول پهچي 25 کان وڌيڪ بينچون اسڪول انتظاميه حوالي ڪيون. ان موقعي تي اسڪول جي آءِ بي اي هيڊماسٽر نجم الدين گڏاڻي چيو ته اسين فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني جي انتظاميه خاص طور تي ريزيڊنٽ ميجر برگيڊيئر محمد جميل صاحب جا نهايت شڪرگذار آهيون جن جي ٿوري سان اسڪول جي ضرورت مطابق اسڪول کي بينچون ڏنيون آهن هن چيو ته ڀڳل فرنيچر سبب ٻار به تنگ هئا جيڪي نين بينچن تي ويهڻ بعد ڪافي خوش آهن.










