اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي، دهشتگردي، قتل، ڦرلٽ ۽ فراڊ جي ڪيسن ۾ گهربل 6 ڀڳوڙا جوابدار گڏيل عرب امارات مان گرفتار ڪري ورتا آهن. ايف آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته گرفتاريون ايجنسي جي نيشنل سينٽرل بيورو (اين سي بي) انٽرپول جي تعاون عمل ۾ آيون هن. گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ سفيان علي، آڪاشا اقبال، زوهيب شهزاد، عبداللطيف، محمد جليل ۽ محمد رميز اشرف شامل آهن. هي3 سڀ جوابدار مختلف ڪيسن ۾ پنجاب پوليس کي گهربل هئا. جوابدارن کي دبئي کان اڄ لاهور ايئرپورٽ آندو ويندو ۽ کين لاڳاپيل ٿاڻن جي پوليس حوالي ڪيو ويندو.










