ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي ڪرڪيٽ ڪنٽرول بورڊ (BCCI) ايشيا ڪپ 2025 لاءِ سوريا ڪمار يادو جي اڳواڻي ۾ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته شبمن گل جي ٽي 20 اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي ۽ کيس اڪثر پٽيل جي جاءِ تي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، بي سي سي آءِ جي سليڪشن ڪاميٽي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جنهن جي اڳواڻي سوريا ڪمار يادو ڪندو۔ اسڪواڊ ۾ اڀيشڪ شرما ۽ سنجو سيمسن کي اوپنر طور شامل ڪيو ويو آهي، پر شبمن گل نائب ڪپتان بڻجڻ بعد اوپننگ ۾ سندن چونڊ يقيني ٿي وئي آهي. چيئرمين سليڪٽرز اجيت اگرڪر ممبئي ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته: “شبمن گل ۾ قيادت جون خوبيون آهن، انگلينڊ ۾ هن جي ڪارڪردگي اسان جي اميدن کان گهڻي مٿي هئي، اهو هڪ سٺو اشارو آهي جڏهن دٻاءُ گهڻو هجي ۽ توهان اهڙي نموني کيڏو.” مڊل ۽ لوئر آرڊر ۾ سوريا ڪمار يادو، تلاڪ ورما، رنڪو سنگھ ۽ جيتيش شرما شامل آهن۔ ٽن آل رائونڊرن ۾ اڪشر پٽيل، هارڊڪ پانڊيا ۽ شيوام دوبے چونڊيا ويا آهن۔ باؤلنگ ۾ جسپريت بُمراهه، ارشديپ سنگھ، ڪلدئپ يادو، ورن چڪرورتي ۽ هرشت رانا شامل آهن. ٽاپ آرڊر بيٽسمين يشسوي جيسوال کي اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ملي سگهي، پر بي سي سي آءِ 5 ريزرو رانديگرن جو اعلان ڪيو آهي جن ۾ پرسيدھ ڪرشنا، واشنگٽن سُندر، ريان پراغ ۽ ڌُروُو جورل شامل آهن. شرياس آئيئر، جن آءِ پي ايل 2025 ۾ 175 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 604 رنسون ٺاهي پنجاب ڪنگز کي فائنل تائين پهچايو، هو به 15 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿي سگهيو. پريس ڪانفرنس ۾ اجيت اگراڪر وڌيڪ چيو ته: “يشسوي جيسوال جي معاملي ۾ اها بدقسمتي آهي، ابھشيڪ شرما گذريل سال شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ هو باؤلنگ به ڪري ٿو، انهن مان ڪنهن هڪ کي ٻاهر ٿيڻ ئي هو۔ يشسوي کي پنهنجو موقعو ملڻ تائين انتظار ڪرڻو پوندو.” ياد رهي ته شبمن گل جولاءِ 2024 ۾ سري لنڪا خلاف ٽي 20 سيريز ۾ نائب ڪپتان هو، پر ان کان پوءِ کيس ٽيسٽ ۽ ون ڊي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ٽي 20 اسڪواڊ مان هٽايو ويو۔ جڏهن ته جنوري ۾ انگلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ اڪشر پٽيل کي نائب ڪپتان بڻايو ويو هو. ايشيا ڪپ ۾ ڀارت، پاڪستان سان گڏ گروپ A جو حصو آهي۔ ڀارت جو پهريون ميچ 10 سيپٽمبر تي دبئي ۾ يو اي اي خلاف ٿيندو، جڏهن ته 14 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ ڀارت هڪٻئي سان ميدان ۾ لهندا۔ 19 سيپٽمبر تي ابوظهبي ۾ ڀارت جو مقابلو عمان سان ٿيندو.
ڀارت جو ايشيا ڪپ اسڪواڊ:
سوريا ڪمار يادو (ڪپتان)، شبمن گل (نائب ڪپتا)، هاردڪ پانڊيا، ارشديپ سنگھه، اڀيشڪ شرما، تلاڪ ورما، شيوام دوبي، اڪثر پٽيل، جيتيش شرما، جسپريت بُومرا، ورن چڪرورتي، ڪلديپ يادو، هرشت رانا، رنڪو سنگھه، سنجو سيمسن، ريزرو رانديگر:
پرسيده ڪرشنا، واشنگٽن سُندر، ريان پراغ، ڌُروو جورل۽ يشسوي جيسوال شامل آهن.










