ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دبئي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ايشيا ڪپ ٽي 20 ٽورنامينٽ جي فائنل سريلنڪا 23 رنز تان پاڪستان کي شڪست ڏئي کٽي ورتي. پاڪستان 147 تي ڍير ٿي ويو. سريلنڪا 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن تي 170 رنز ٺاهيون. جواب ۾ پاڪستان جو ڪپتان بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام رهيو ۽ 6 بالن تي 5 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو. ٻئي بال تي فخر انسائيڊ ايج سبب بولڊ ٿيو. رضوان ۽ افتخار اسڪور اڳتي وڌايو. چوڏهين اوور ۾ افتخار هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 31 بالن تي 32 رنس ٺاهي ڪيچ ٿيو. 93 جي مجموعي اسڪور تي پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ ڪري. جنهن بعد محمد نواز رضوان جو ساٿ ڏيڻ آيو. نواز ٻوٽو نه ٻاريو چوڏهين اوور جا 4 بال ضايع ڪري پندرهين اوور ۾ ڪيچ ٿيو 9 بالن تي 6 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. ان بعد آصف علي پهرين بال تي بولڊ ٿيو، خوشدل به ڪڍ لڳو آيس هسارنگا 3 وڪيٽون هڪ اوور ۾ ورتيون. آخري 3 اوورز ۾ 59 رنز گهربل هيون، شاداب ۽ حارث رئوف وڪييٽ تي هئا.ارڙهين اوور ۾ شاداب رن آئوٽ کان ته بچي ويو پر اڳئين بال تي ڪيچ ٿي ويو هن 8 رنز ٺاهيون. جنهن بعد نسيم شاهه هڪ چوڪو هڻي ڪيچ ٿي ويو ۽ پاڪستان جون 125 تي 9 وڪيٽون ڪري پيون. ان بعد حسنين 19هين اوور جي آخري بال تي ڇڪو هنيو ۽ آخري اوور ۾ 32 رنز گهربل هيون. ٽن بالن تي رڳو 2 رنز ٺهيون ۽ حارث رئوف 2 بال مس ڪري پنجين بال تي ڇڪو هنيو پر آخري اوور جي آخري بال تي بولڊ ٿي ويو ۽ پاڪساتان 147 تي آل آئوٽ ٿي ويو. پهرين اوور ۾ دلشان 8 رنز ايڪسٽرا ڏنيون، وائيڊ ۽ نو بال ڪيا. ان کان اڳ بابر اعظم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو چيئرمين رميز راجا به ايشيا ڪپ جو فائنل ڏسڻ لاءِ دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پهچي ويو. ان وقت ڪجهه شائقين کيس چيو ته ٽڪيٽ نٿا ملن وٺي ڏيو، هن کين چيو ته مان چيئرمين آهيان ٽڪيٽ ماسٽر ناهيان. سريلنڪا جو اوپنر ڪسال مينڊس نسيم شاهه جي پهرين اوور جي ٽئين بال تي بنا رن ٺاهن جي بولڊ ٿيو، ٻيو اوپنر پاٿم نسانڪا چوٿين اوور ۾ حارث رئوف جي بال تي اببر هٿان 8 رنسن تي ڪيچ ٿيو.26 جي مجموعي اسڪور تي سريلنڪا جي ٽئين وڪيٽ ڪري پئي جڏهن ڊي گناٿلڪا کي حارث رئوف بولڊ ڪيو. هن 4 بالن تي هڪ رن ٺاهي هئي. اٺين اوور ۾ ڌننجايا ڊي سلوا 4 چوڪا هڻي 21 بالن تي 28 رنس ٺاهيون ته افتخار احمد پنهنجي بال تي کيس ڪيچ ڪيو. نائين اوور ۾ 56 جي مجموعي اسڪور تي داسن شناڪا کي شاداب ٻن رنسن تي بولڊ ڪيو ته ائين پئي لڳو ته پاڪستان گيم تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. ان بعد ڀنوڪا راجا پڪسا ۽ ونندو هسارنگا سٺي پارٽنر شپ قائم ڪندي ٻنهي دونهيدار بيٽنگ ڪئي. ونندو حارث رئوف جو ٽيون شڪار بڻيو هن هڪ ڇڪي ۽ پنج چوڪن جي مدد سان 21 بالن تي 36 رنسون ٺاهيون. کيس رضوان ڪيچ ڪيو. جنهن بعد راجا پڪسا ۽ چميڪا ڪرانورتنا مومينٽم ڪرڻ نه ڏنو، حارث جي بال تي راجا پڪسا جو ڪيچ شاداب ڊراپ ڪيو جنهن بعد هن ففٽي مڪمل ڪئي. حسنين 3 اوورز م 33 رنز ڏنيون آخري اوور ۾ زبردست ڪم بيڪ ڪيو 5 بالن تي ٻه رنس ڏنيون آخري بال تي وري راجا پڪسي جو ڪيچ ڊراپ ٿيو، آصف علي ڪيچ پڪڙي ورتو پر شاداب هن سان ٽڪرائجي ويو ۽ ڪيچ ٿيل بال بائونڊري کان باهر ڪريو ۽ ڇڪو ٿي ويو. سڀني کي حيرت ان تي ٿي ته محمد نواز جنهن هڪ اوور ۾ مصرف 3 رنز ڏنيون ان کي وري بالنگ نه ڏني وئي. آخري اوور نسيم شاهه ڪرايو ۽ 15 رنس ڏنيون. 4 اوورز ۾ نسيم شاهه 40 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي،حسنين جي 4 اوورز ۾ بنا وڪيٽ 41 رنز ٺهيون، حارث رئوف 29 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، شاداب خان 4 اوورز ۾ 28 ۽ افتخار 3 اوورز ۾ 21 رنز ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. مشڪل حالتن ۾ به سريلنڪا 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنز ٺاهيون. راجا پڪسا 71 رنسن تي ۽ چميڪا 14 بالن تي 14 رنز ٺاهي نا آئوٽ رهيا.










