لنڊن(ويب ڊيسڪ)ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بئنڪ پاڪستان ۾ تباهي واري ٻوڏ کانپوءِ امدادي پيڪيج تي ڪم ڪري رهي آهي.اعلان موجب ايشيائي ترقياتي بئنڪ متاثرين کي معاشي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي رليف ۽ بحالي فوري ۽ ڊگهي مدي واري پيڪيج تي ڪم ڪري رهيو آهي، بينڪ جو چوڻ آهي ته اي ڊي بي روڊن ۽ آبپاشي سميت تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي ۾ مدد ڪندو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ADB خوراڪ جي حفاظت ۽ زرعي شعبي جي ترقي ۽ مالي استحڪام جي مدد ڪندو، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ڊگهي مدي واري منصوبن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ شامل آهن.










