نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) نواب ولي محمد ڀرسان ديھ ٻنڀائي ۾ زرداري ۽ ڀنڊ برداري جي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تڪرار تان ٿيل فائرنگ دوران مرزا پور ٿاڻي جو شهيد ٿي ويل پوليس سب انسپيڪٽر عبدالحميد کوسو جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ الھ ڏنو کوسو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پوليس آفيسرن، پ پ اڳواڻن سميت مختلف علائقن جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.










