ايس ايس پي جو حڪم، ڏوهارين خلاف ڪارروائي تيز

ايس ايس پي جو حڪم، ڏوهارين خلاف ڪارروائي تيز

دادو(ن سنڌيار) دادو ايس ايس پي دادو عرفان سمون جي حڪم تحت پوليس جو ڏوهارين خلاف ڪارروائي تيز جوھي ۾ مبينا پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو، جوھي پوليس ٻن ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو جوھي ٿاڻي جي حد دادو، جوھي روڊ تي بائيو فيلڊ ويجھو مبينا پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻہ ڏوھاري زخمي حالت ۾ ھٿيارن سميت گرفتار، سندن ٻہ ساٿي فرار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھارين جي سڃاڻپ سزايافتہ ڏوھاري بابر عرف عِفي جتوئي ۽ اظھر جمالي طور ٿي آهي ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون جي پريس رليز مطابق ڏوھارين وٽان 2 پستول ۽ گوليون ھٿ ڪيون ويون،زخمي ڏوھارين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏھن تہ فرار ڏوھارين جي ھٿ ڪرڻ لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي،زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھاري ضلعي ۾ موٽرسائيڪل اسنيچنگ، چوري ۽ ڦرون ڪندڙ سرگرم گروھ جا رڪن آھن جيڪي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رھيا آھن،زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري بابر عرف عِفي جتوئي خلاف مختلف ڏوھن جا 9 جڏھن تہ اظھر جمالي خلاف 6 کان وڌيڪ ڪيسن جو سابقہ ريڪارڊ حاصل ٿي چڪو آهي،ڏوھارين خلاف وڌيڪ ڪرمنل ريڪارڊ ھجڻ جي پڻ توقع آهي ان لاءِ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو