ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ پوليس جي اسپيشل سڪيورٽي يونٽ (SSU) جا 50 تيز طرار ڪمانڊوز وفاقي جاچ اداري (FIA) ۾ هڪ سال جي مدت لاءِ ڊيپوٽيشن تي تعينات ڪيا ويا آهن. هن دستي ۾ 25 ليڊي ڪمانڊوز پڻ شامل آهن. ڊي آئي جي سڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود احمد ڪمانڊوز سان ملاقات ڪري کين ايمانداري ۽ لڳن سان ڊيوٽي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي پاسي ڊائريڪٽر ايف آئي اي ڪراچي زون منتظر مهدي ايس ايس يو جو دورو ڪندي ڪمانڊوز جي پيشيورانه صلاحيتن کي ساراهيو. هي تعيناتي ايف آئي اي جي درخواست تي ڪئي وئي آهي، جنهن جي معاهدي تحت ايندڙ سال وڌيڪ 50 ڪمانڊوز پڻ ايف آئي اي حوالي ڪيا ويندا.










