ليکڪ عبدالمجيدبروھي
ايس آء يو ٽي سينٽر لاڙڪاڻي کي ھن وقت ھڪ سال ٿي چڪو آھي ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي سينٽر جي افتتاحي تقريب ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ صوبائي وزيرصحت سنڌ ڊاڪٽر عذرا پيچوھو شريڪ ٿيا ھيا ان وقت سنڌ جي وڏي وزير جيڪي واعد ڪيا ھيا انھن مان ھن وقت تائين ھڪ بـ اعلان تي عمل نـ عي سگھيو آھي ھن وقت مريض سخت مشڪلاتن کي منھن ڏين پيا سينٽر ۾ ايمرجنسي وارڊ نـ آھي جنھن سبب جيڪڏنھن خدا نـ ڪري ھلندڙ ڊائيلاسز دوران ڪنھن مريض جي طبيعت خراب ٿي تـ ان جو ڇا ٿيندو ان کان علاوا ليبارٽي ۾ پڻ سھولتون نـ جي برابر آھن بلڊ بئنڪ پڻ نـ آھي ڊائيلاسز سبب۔ مريضن ۾ رت جي گھٽتائي جو اشو ھميشا رھي ٿو جنھن سبب مريض سخت مشڪلاتن جو منھن ڏسن ٿا لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ رت ڏيڻ ۽ ڪڍڻ جو ڪو بـ نظام نـ آھي ھڪ تـ ايس آء يو ٽي وارا ٻاھران آندل رت استعمال ناھن ڪندا ان جي ڪري جن مريضن ۾ رت جي گھٽتائي ٿيندي آھي تـ انھن کي لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ رت نـ ھجڻ جي ڪري سکر رت لڳائڻ لاء موڪليو ويندو آھي ان کان علاوا او پي ڊي پڻ ناھي کليل ايمرجنسي وارڊ پڻ اسٽارٽ ناھي ٿيل جنھن سبب ايندڙ مريض سخت مشڪلات ۾ آھن خدا نـ ڪري جيڪڏنھن ڪنھن مريض جي ھلندڙ ڊائيلاسز دوران اچانڪ طبيعت خراب ٿي وئي تـ پوء اتي موجود عملو تـ بھترين آھي پر انھن وٽ ايمرجنسي وارڊ نـ ھجڻ سبب ان مريض کي سکر اسپتال ايمرجنسي ڪيئن موڪليندا ڇو تـ اتي انھن وٽ ايمبولينس پڻ نـ آھي ڊاڪٽر اديب رضوي ھڪ مسيحا آھي جيڪو پنھنجي ڪوششن سان ۽ ڪجھ سنڌ حڪومت جي تعاون سان ضرف ڊائيلاسز شروع ڪيوـويو آھي ايمرجنسي وارڊ تمام ضروري آھي ان سان گڏ بلڊ بئنڪ جي پڻ سخت ضرورت آھي آء ان افتتاحي تقريب ۾ پڻ شامل ھيس پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران۔ بااقائدا ھن سينٽر جو افتتاح ڪيو ھيو جنھن دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي آڏو اھو واعدو ڪيو ھيو تـ ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ ھر سھولت ڏيندس ان جي ڪري اڄ کيس ان کي ان جو واعدو ياد ڏياريندي اھو چوندس تـ مرشد سائين ھڪ تـ لاڙڪاڻو شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جو اباڻو گھر آھي انجي ڪري اوھان کي پنھنجي واعدي تي عمل ڪرڻ گھرجي ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ بنا دير تمام سھلتن سا ميسر ليڀارٽري جو قيام ڪيو وڃي ان کان علاوا ايمرجنسي وارڊ ۽ او پي ڊي کي پڻ کوليوـوڃي يورولاجي جا ماھر ڊاڪٽر مقرر ڪري پٿري جو علاج فورن شروع ڪندي داخلا وارڊ پڻ ٺاھيو وڃي جنھن لاء ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي سينٽر ڀرسان ھڪ سرڪاري پلاٽ پڻ موجود آھي اتي شھيد راڻي جي نالي سان اھا بلڊنگ منصوب ڪري ٺاھي ايس آء يو ٽي وارن جي حوالي ڪيو وڃي آء سمجھان ٿو تـ اھو پ پ پ جي سنڌ حڪومت لاء ڪو ڏکيو ڪم بـ نـ آھي لاڙڪاڻو ڊويزن پ پ پ جو قلعو آھي انجي ڪري لاڙڪاڻي ضلع جي عوام کي اڃا وڌيڪ صحت جون سھولتون ملڻ گھرجن انسان دوست فرشتي ڊاڪٽر اديب رضوي جا ھزارين شاگرد پڻ آھن انھن مان ڊاڪٽر رجب ديناري انھن ڊاڪٽرن ۾ شامل آھي جيڪو ڊاڪٽر اديب رضوي سان سڄي عمر گڏجي ڪم ڪيو آھي ڊاڪٽر اديب رضوي ھڪ انسان دوست ماڻھون آھي جيڪو چاھيندو آھي تـ ھو ڪجھ بـ ڪري قيمتي جانن کي بچائي جنھن جي نقش قدم تي ھي فقيرصفت انسان ڊاڪٽر رجب ديناري ھلي رھيو آھي محبت ۽ شفقت وارو رويو رکندو آھي اھو آھي ڊاڪٽر رجب ديناري ڊاڪٽر رجب ديناري جو ھڪ بھترين ڪردارڀآھي اٿي ان شخص جي لاء پڻ لکڻ چاھيان ٿو جنھن کي جڏنھن لاڙڪاڻي سينٽر ۾ موڪليو ويو تـ ھو ڏاڍو خوفزدا ھيوبجنھن کي ذھن ۾ ڪجھ ماڻھن اھو ڀريوبھيو تـ لاڙڪاڻي جا ماڻھون وڏا جھيڙيڪار آھن ۽ لاڙڪاڻي ۾ بدامني آھي وغيرا وغيرا پر جڏنھن ھتي اچي ھن ڪم شروع ڪيو تـ کيس لاڙڪاڻي جي ماڻھن جي محبت ۽ مھمانوزاي ڏسي ھو لاڙڪاڻي جي سينٽر تي رھجي ويو اھو آھي گلگت مان آيل تفضل ڀائي تفضل ڀائي ھڪ ھونھار ۽ ھوشيار ۽ پنھنجي ڪم سان سچوانسان آھي جيڪو گردن جي مرض ۾ وڪوڙيل۔ مريضن جو ھڪ ڀاء وانگر خيال رکندو آھي ان کان علاوا دانش بروھي محرم رجب ۽ جاويد ڀائي سميت ھميشا مريضن سان مرڪي ملندڙ ڊاڪٽر رميز چانڊيو پڻ تمام بھتر نموني سان مريض کي سمجھائي کين جيئڻ جو حوصلو ڏين ٿا آء پڻ گذريل چئن سالن کان ايس آء يو ٽي ڪراچي ايس آء يو ٽي سکر ۽ ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي مان پنھنجي جيون ساٿي پنھنجي گھرواري جو علاج ڊائيلاسز ڪرائي رھيو آھيان ڪراچي سکر ۽ ٻين شھرن جا ڌڪا کائڻ بعد ھاڻي سڪون تـ آھي تـ پنھنجي شھر ۾ ٿي رھيو آھي اھي ويچارا بـ خوش آھن جيڪي مون وانگر پنھنچن پيارن جو علاج مجبوريء سبب ڪراچي يا سکر مان ڪرائيندا ھئا پر ھتي ڪجھ کوٽ ضرور آھي جن جي پوراء لاء سنڌ حڪومت خاص ڪري سنڌ جي وڏي وزير کي فورن قدم کڻي انھن جائز کوٽ کي ختم ڪري ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ ڊائيلاسز جي مشينن جو وڌيڪ بندوبست ڪيو وڃي بلڊ بئنڪ جو قيام بـ ضروري آھي ان سان گڏوگڏ فوري طور تي اتي مجود ھڪ ايڪڙ زمين تي ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي لاء بلڊنگ جو ڪم شروع ڪيو وڃي ۽ فلحال ايمرجنسي بنيادن تي او پي ڊي کولي انھن مريضن کي جيڪي مريض ٻاھر لاڙڪاڻي ۾ مافيا بڻجي ويل ميڊيڪل سينٽرز تي پاڻ ڦرائي رھيا آھن انھن جو علاج ھن تسلي بخش اداري سنڌ يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ سينٽر لاڙڪاڻي ۾ مفت م ٿي سگھي جٿي کين پٿري جو آپريشن پيشاب جي ٻين بيمارين سميت گردن جو علاج عي سگھي ۽ مجبوري سبب پرائيويٽ سينٽر تي ويندڙن جو علاج مفت ۾ ٿي سگھي اھو سنڌ حڪومت مٿان فرض پڻ آھي ۔
اسان انھن صاحب حيثيت دوستن کي گذارش ڪنداسين جيڪي افطار پارٽين ۽ عيد ملن پارٽين تي لکين تي لکين روپيا روپيا خرچ ڪري صرف نالي لاء ۽ واھ وا خاطر پيسو لٽائي رھيا آھن انھن کي گھرجي تـ اھي سڀ کان پھريان پنھنجي غريب پاڙيسرين جي مدد ڪن ان کان پوء فلاحي ادارن ۾ پنھنجا زڪوات ۽ صدقي جا پيسا ڏئي انسانيت کي بچائڻ ۾ انھن مسيحا نما انسانن جو ساٿ ڏين جيئن اھي وڌيڪ قيمتي انساني زندگيون بچائي سگھن لاڙڪاڻي جي سرندي وارن کي گذارش ڪندس تـ ھن وقت ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جي سينٽر ۾ ڊائيلاسز مشينون گھٽ ھجڻ جي ڪري اڃا سوين غريب مريض سکر ۽ ڪراچي وڃي گردن جو ڊائيلاسز ڪرائيندا آھن جيڪي انتھائي مشڪل ڪم آھي ان کان علاوا لاڙڪاڻي سينٽر ۾ ليباريٽري ۾ مشينن جي کوٽ پڻ الٽراسائونڊ مشين سميت تمام گھڻين شين جي ضرورت آھي انجي ڪري اھي پنھنجي زڪوات جا پيسا ۽ افطار لاء رکيل پيسا ۽ فطري لاء مخصوص ڪيل پيسا زڪوات ۽ عشر جا پيسا ايس آء يو ٽي لاڙڪاڻي جي لاء ڏين اللـ اوھان جي رزق ۾ خيربرڪت وجھندو رمضان مھيني ۾ زندگي لاء ويڙھ ڪندڙ ڊائيلاسز جي مريضن جي مدد لاء اڳتي اچو ڊاڪٽر اديب رضويء جو ساٿ ڏيو










