ايسٽرولوجي الرٽ، 2 ڊسمبر کان پهرين جنوري تائين خوشخبريون

ايسٽرولوجي الرٽ، 2 ڊسمبر کان پهرين جنوري تائين خوشخبريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا هندي جي لال ڪتاب جي آڌار تي پيشگوئي ڪئي آهي ته، جھه، د، ٿ ، چ ۽ پ جي لفظن سان شروع ٿيندڙ ناليوارن ماڻهن لاءِ 2 ڊسمبر کان پهرين جنوري 2025 تائين بهترين وقت رهندو. ان عرصي ۾ کين ڪوشش ڪرڻ سان مختلف معاملن ۾ ڪاميابي ۽ خوشخبري ملندي. ستارن جي چر پر جو ذڪر ڪندي هن ٻڌايو ته مٿي ڄاڻايل تاريخن دوران انهن لفظن وارن نالن جي ماڻهن جي طالع جي ٽئين گهر ۾ مشتري ۽ ڏهين خاني ۾ قمر داخل رهندا. جنهن سبب سندن سياسي، سماجي، معاشرتي، قانوني ۽ مالياتي معاملن ۾ بهتري ايندي ۽ کين سرسي ملندي. ان عرصي ۾ واسطيدار ماڻهن کي رڪيل ڪمن جي تڪميل لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. خميس ڏينهن سوا ڪلو چانور ڪنهن غريب کي خدا واسطي ڏيڻ سان ڀلائي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو