ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا هندي واري لال ڪتاب آڌار پيشنگوئي ڪئي آهي ته ا، آ ۽ ل جي اچارن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن لاءِ 15 اپريل کان 15 جون تائين برو وقت رهندو ۽ کين احتياط ڪرڻ گهرجي. هن ستارن جي چر پر جي بنياد تي ٻڌايو ويو آهي ته مٿي ڄاڻايل اچارن وارن نالن جي ماڻهن جي طالع ۾ نحس ستارو شمس ۽ ٻارهين گهر ۾ نحس ستارو راهو داخل ٿي رهيو آهي. جيڪو 15 اپريل کان 15 جون تائين رهندو. جنهن سبب انهن ماڻهن جي طبيعت ۾ ڀاري پن، خرچن۾ اضافو، باس ۽رشتيدارن سان ڇڪتاڻ ۽ بحث مباحثي کان پاسو ڪيو وڃي، جلد بازي ۾ڪو معاهدو يا سودو نه ڪيو وڃي. هن مٿي ڄاڻايل نالن وارن کي صلاح ڏني آهي ته هو آچر تي مٺي ماني يا مٺي شئي ڪيڙن ماڪوڙن کي صدقو ڪرڻ گهرجي.










