ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محتاط رهڻ گهرجي؟

ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محتاط رهڻ گهرجي؟

عمرڪوٽ(ن س) ستارن جي علم جي ماهر ڀڳوانداس جٽيا ٻڌايو آهي ته ش. س. ص. گ ۽غ سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جي خانن مان 14 فيبروري کان 15 اپريل تائين نحس اسٽار زحل غروب ٿي رهيو آهي. هندي ايسٽرولوجي، جي لال ڪتاب آڌار تي هن ٻڌايو آهي ته مٿي ڄاڻايل لفظن جي نالن وارن ماڻهن جي خانن ۾ سعد اسٽار مشتري 3 کان 30 مارچ تائين قمر سان گڏ رهندو جنهن سبب سندن رڪيل ڪم ٿيندا ۽ کين خوشخبري ملندي. انهن نالن وارن ماڻهن کي مشورو آهي ته هو مشتري جي نظر پوڻ تائين احتياط کان ڪم وٺن، جذباتي ٿيڻ ۽ بحث وغيره کان پاسو ڪرڻ گهرجي. انهن نالن وارن ماڻهن کي ڇنڇر ڏينهن ڪاري شئي جو صدقو ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو