ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نامياري ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا پيشنگوئي ڪئي آهي ته، ف. ڦ. ڀ. ڌ. جي لفظن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن لاءِ 15 فيبروري کان پهرين مئي تائين بهترين وقت شروع ٿي رهيوآهي. عمرڪوٽ جي ايوارڊ يافته جوتشي هندي جي لال ڪتاب جي آڌار تي ٻڌايو آهي ته مٿي ڄاڻايل لفظن وارن نالن جي ماڻهن جي پنجين خاني ۾ سعد اسٽار مشتري ۽ قمر داخل ٿي رهيا آهن. جنهن سبب کين نوڪري، ڪاروبار، گهريلو مسئلن ۾ خوشخبري ملندي. سندن طبيعت ۾ گذريل مهينن دوران جيڪو خلفشار ، جذباتي پن يا مالي خسارو هو ان ۾بهتري ايندي. فريال ٽالپر ۽ فضل الرحمان سميت ان نالن وارن ماڻهن کي شخصي عروج حاصل ٿيندو. فريال ٽالپر سنڌ جي چيف منسٽر به ٿي سگهي ٿي. مٿي ڄاڻايل لفظن جي نالن وارن کي خميس ڏينهن پيلي شئي جو صدقو ڏيڻ گهرجي.










