ايران ۾ مظاهرا، 192 احتجاج ڪندڙ ۽ 114 اهلڪار مارجي چڪا آهن

ايران ۾ مظاهرا، 192 احتجاج ڪندڙ ۽ 114 اهلڪار مارجي چڪا آهن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايران ۾ احتجاجي مظاهرن جو 14هون ڏينهن جاري آهي، ايراني انساني حقن جي تنظيم جي دعويٰ موجب ٻن هفتن کان جاري مظاهرن دوران192 ماڻهو مارجي چڪا آهن. ٻئي پاسي ايران جي سراڪاري نيوز ايجنسي تسنيم ٻڌايو آهي ته مختلف صوبن ۾ 114 سيڪورٽي اهلڪار مظاهرين جي تشدد ۾ مارجي ويا آهن. جڏهن ته 200 کان مٿي احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ناروي سان لاڳاپيل ايراني انساني حقن جي تنظيم موجب مارجي ويلن جو انگ ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو۔
ايراني انساني حقن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ بندش سبب فوتين جو صحيح انگ معلوم نٿو ٿي سگهي۔
ٻئي پاسي آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز دعويٰ ڪري ٿي ته ٽرمپ انتظاميه ايران ۾ غير فوجي هدفن تي حملن بابت سنجيدگي سان غور ڪري رهي آهي۔
آمريڪي اخبار موجب صدر ٽرمپ کي ايران تي فوجي حملن جي آپشنز بابت بريفنگ ڏني وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر اڃا تائين ايران تي حملن جو حتمي فيصلو ناهي ڪيو۔
ٽرمپ تازو ئي ايراني قيادت کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن مظاهرين کي قتل ڪيو ويو ته هو انهن تي سخت حملو ڪندا۔ صدر ٽرمپ جو دعويٰ آهي ته ايران اڄ ماضي جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ آزادي جو طلبگار آهي، ۽ آمريڪا مدد لاءِ تيار آهي۔
انهي دوران ايراني صدر مسعود پزشڪيان آمريڪا ۽ اسرائيل کي ايران ۾ فسادن جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۾ افراتفري ۽ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا۔ هن چيو ته ايراني عوام فساديَن ۽ دهشتگردن کان پاڻ کي پري رکن ۽ فساديَن کي انتشار ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏين

پهنجو تبصرو موڪليو